رگهورام شرما

رگهورام شرما: نامور فنڪار ۽ موسيقار، رگهورام شرما جو جنم 08 فيبروري 1942ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. مئٽرڪ تائين تعليم پرائي سگهيو. ورهاڱي سبب خاندان سان گڏ هندستان هليو ويو ۽ الهاس نگر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو، اسڪول ۾ پڙهڻ دوران مختلف پروگرامن ۾ حصو ورتائين. بعد ۾ باقاعده راڳ جي سکيا ورتائين. رگهورام سنڌي مشهور فلم ”اڃان ته مان ننڍڙي آهيان“ ۾ ڀڳوتي ناواڻيءَ سان گڏ گيت ڳايا. جيڪي نهايت مقبول ويا. هن سنڌي فلمن کان علاوه هندي فلمن کي پڻ موسيقي ڏني. هن هندستان جي مشهور موسيقارن ڪلياڻ جي آنند جي ۽ آر. ڊي برمن سان پيانو تي سنگت ڪئي. هن هند، سنڌ کان علاوه ڪئناڊا، آمريڪا، لنڊن، سائوٿ آفريڪا، هانگ ڪانگ، جاپان ۽ ماريشش وغيره ۾ ڳائي نالو ڪمايو. هن ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ ڀڄن ڳايا. هڪ هندي فلم ‘سائين بابا’ ۾ سندس چار ڀڄن ڳاتل آهن. هن هندستان ۾ رهڻ دوران ‘شيام نارائڻ’ جي نالي سان سنگيت ڪلب قائم ڪيو. جنهن جو باني ۽ صدر به پاڻ هو، جنهن جي پليٽ فارم تي هن ڪيترن ئي فنڪارن کي موسيقيءَ جي سکيا ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.02.08  عيسوي

رگهورام شرما جو جنم 08 فيبروري 1942ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديدار حسين خان
ٻارٽ
شفيع محمد جمن
رگهورام شرما
صابري غلام فريد
خانصاحب اُستاد فتح علي خان
ٻڍو فقير
حسين بخش خادم
سينگار علي سليم
چَند فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون